ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر: ليکڪ، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي ولد محمد بخش سڌايو، پھرين سيپٽمبر 1948ع تي جيڪب آباد لڳ ڳوٺ ڊٻ ۾ پيدا ٿيو. پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1972ع ۾ سنڌي ادب ۽ 1982ع ۾ صحافت جي شعبي مان ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1975ع ۾ ايل. ايل. بي پڻ ڪئي. 1989ع ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾، ‘شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاريءَ’ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي.1973ع ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. ھن لکڻ جي شروعات 1965ع کان ڪئي، شروع ۾ سندس ڪھاڻيون، ڪالم ۽ تاثر سنڌ جي مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيندا رھيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘شاھھ عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري’ (پي ايڇ. ڊي جو مقالو: 1992ع)، ‘شـاھھ لـطيـف جـو عـوامي شـعـور’ (تحقيق)، ‘سـفـر زندگـيءَ جـو’ (عبدالڪريم گدائيءَ جي شخصيت)، ‘نئين روشني’ (عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ تي تنقيد)، ‘سچ سونھن وريام ورونھن’ (لوڪ ادب)، ‘سنگ سچ جو’ (لوڪ ادب)، ‘غريبن جو ورثو، ھڪ مطالعو’ (تنقيد ۽ تحقيق)، ‘چونڊ سنڌي افسانا، ھڪ مطالعو’ (تحقيق)، ‘سنڌي ادب جي مختصر تاريخ’، ‘سنڌي مضمون نگاري’، ‘جيڪب آباد ۽ جان جيڪب’ (ترتيب)، ‘نعره حق’ (صوفي ٻڍل فقير جي ڪلام جو نثري اردو ترجمو ۽ ترتيب)، ‘شاهه لطيف جو علامتي شعور’ (لطيفيات: 2007ع)، ‘صحرا نيڻ'>صحرا صحرا نيڻ’ (ٿر جو سفر:2017ع)، ‘ڪلجڳ جا رنگ’ (ڪھاڻيون:2018ع) ۽ ٻيا شامل آھن. هن شاھھ ۽ سچل سميت سنڌ توڙي پنجاب جي ڪيترن ئي صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي زندگي ۽ شاعريءَ تي 100 کن مقالا لکيا. سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جو سيڪريٽري بھ رھيو. انهيءَ دوران ھن جيڪب آباد ۾ ’شاھھ لطيف سيمينار (1973ع)‘ منعقد ڪرايو ۽ ٻھ ڪتاب: ‘سنڌي ڪھاڻيون’ ۽ ‘ٿا چنگ چرن جت چاھت جا’ (شاعري) پڻ شايع ڪرايا. ھُن ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جيڪب آباد جي تعاون سان انگريزيءَ ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب Jacob’s town Jacobabad ترتيب ڏنو. ھي ‘سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن’ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر بھ رھيو. تعليمي ماھر جي حيثيت ۾ بورڊ آف گورنرس سيڪنڊري ائنڊ انٽرميڊئيٽ ايجوڪيشن لاڙڪاڻي جو ميمبر، سچل چيئر جو ميمبر، شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي ۽ صحافت وارن شعبن جو ميمبر پڻ رھيو. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ھمدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي جو گائيڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ آھي. سندس رھبريءَ ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم، ڊاڪٽر منظور سولنگي، ڊاڪٽر شڪنتلا ۽ ڊاڪٽر رياض احمد شيخ پي ايڇ. ڊي ڪئي. ھو صحافتي ميدان ۾ بھ ڪجهھ اخبارن ۽ رسالن جي ادارت ڪري چڪو آھي، ڪجهھ وقت راندين ۾ دلچسپي وٺندي ڊسٽرڪٽ ھاڪي ائسوسيئيشن جوصدر پڻ رھيو ۽ ماضيءَ ۾ جيڪب آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور شاھھ لطيف اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ اوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ ۽ ٻيا اوارڊ ملي چڪا آهن. ھن وقت ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي، جيڪب آباد جو سيڪريٽري ۽ جيڪب آباد ۾ قائم محترمھ بينظير ڀٽو گورنمينٽ لائبريري جي سربراهه طور خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي.


لفظ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.09.01  عيسوي

ليکڪ، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر غلام نبي ولد محمد بخش سڌايو، پھرين سيپٽمبر 1948ع تي جيڪب آباد لڳ ڳوٺ ڊٻ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت ڀڄن سوپاري
شيخ عبدالڪريم سنڌي
اختر بخاري
راجسٿاني عبدالهادي
ايشور آنچل
پنوشي
جوڻيجو سلطان احمد ڊاڪٽر
امير بيگم ڀٽو
جمعو فقير جوڙ
آخوند الهه بچايو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون